اسلام آباد(بيورو رپورٽ) دهشتگردي ٽوڙ اسلام آباد جي پي ٽي آءِ جي شناخت پريڊ تي جيل ۾ موجود 88 ڪارڪنن جي شناخت پريڊ رپورٽ نه ملي. پوليس جي استدعا تي ڪيس جي ٻڌڻي عيد کانپوءِ تائين ملتوي ڪئي وئي. تحريڪ انصاف جي 26 نومبر احتجاج جي حوالي سان ٿاڻي ڪوهسار ۽ ٿاڻي ترنول ۾ داخل ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ جي شناخت پريڊ تي جيل ۾ موجود 88 ڪارڪنن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر موقف اختيار ڪيو ته شناخت پريڊ ٿي چڪي آهي، رپورٽ ناهي ملي، ڪيس جي ٻڌڻي عيد بعد تائين ملتوي ڪئي وڃي. جوابدارن جي وڪيل زاهد بشير ڊار چيو هي دير وارا حربا استعمال ڪري رهيا آهن. اسان جي هاءِ ڪورٽ اسلام آباد ۾ اِن حوالي سان هڪ درخواست داخل آهي. جج ابوالحسنات ذوالقرنين ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان ڪو آرڊر اچي ٿو ته سڀ ڪجهه فارغ ٿي ويندو. پوليس پاران ايندڙ تاريخ تي شناخت پريڊ جي حوالي سان رپورٽ پيش ڪئي ويندي.