پشاور(م ڊ) پي ٽي آءِ جي احتجاجي تحريڪ جي اعلان بعد پارٽي ۾ اختلاف سامهون آيا آهن. پشاور ڪينٽ جي پي ٽي آءِ جي سينئر نائب صدر اسلم ۽ پشاور سٽي جي جنرل سيڪريٽري تقدير علي پنهنجي عهدن تان استعيفائون ڏئي ڇڏيون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻيا اڳواڻ به استعيفائون ڏيڻ وارا آهن. پي ٽي آءِ ضلعي پشاور جي صدر ارباب عاصم چيوآهي ته پارٽين ۾ اختلاف ٿيندا رهندا آهن هي اختلاف عهدن تي آهن جن کي جلد ئي ختم ڪيو ويندو.