اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي وزير اطلاعات عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ ترجمان رئوف حسن ڀارتي صحافي کي چڙڏياريندڙ ۽ خوفناڪ پيغام اماڻيا آهن، پي ٽي آءِ ملڪ دشمني تي ٻڌل ايجنڊا هڪ ڀيرو ٻيهر پڌري ٿي چڪي آهي، فارن فنڊڊ ۽ ملڪ دشمن ايجنڊا تي هلندڙ جماعت غيرملڪي آقائن جو سهارو وٺي رهي آهي، فارن فنڊڊ جماعت پهريان سائفر ذريعي ملڪ جي پرڏيهي پاليسي کي نقصان پهچايو، هن چيو ته پي ٽي آءِ ڀارت جي اسپانسرڊ ايجنڊا کڻي رهي آهي، پي ٽي آءِ کي ڀارتين پرڏيهه کان فنڊنگ ڪئي جيڪا جاچ ۾ سامهون آئي آهي، فارن فنڊڊ ٽولي ملڪ دشمني جي هر حد پار ڪري ڇڏي، هاڻ سمجهه ۾ اچي رهيو آهي ته 9مئي جا حملا ڇو ڪيا ويا، هن چيو ته پي ٽي آءِ جو اسلام آباد ۾ سوشل ميڊيا سيل ملڪ دشمنن سان رابطن جو وڏو ذريعو هو، ان سوشل ميڊيا سيل ذريعي فوج ۽ آرمي چيف خلاف مهم هلائي وئي، هن چيو ته رئوف حسن جا ڀارتي صحافي سان رابطا ثابت ڪن ٿا ته اهي ملڪ دشمن قوتن جي چوڻ تي مهم هلائي رهيا آهن، پي ٽي آءِ جو اصل هدف پاڪستان جي قومي مفاد ۽ فوج کي نقصان پهچائڻو هو، اهي ماڻهو پاڪستان ۾ ويهي ڀارتي ايجنڊا پوري ڪري رهيا آهن، دهشتگردن کي به ان ڪري آندو ته ڀارتي ايجنڊا پوري ڪري سگهجي. وفاقي وزير چيو ته فيض حميد عمران جو اهم سياسي مهرو ثابت ٿيو آهي، ثابت ٿي ويو ته مرشد جو موڪل فيض هو، فيض مرشد جو نه پر فيض حميد جو هو، فيض نيازي ڳٺ جوڙ جا پيرا بشرا ڏانهن وڃن ٿا، جيڪا ان ڳٺ جوڙ جو هڪ ڪردار هئي، نيازي ۽ بشريٰ ڳٺ جوڙ پنهنجي ڪڌن مقصدن لاءِ ملڪ کي نقصان پهچايو، فيض نيازي ڳٺ جوڙ تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته فوج ۾ ڪنهن قسم جي تقسيم آهي، فيض نيازي جي ڳٺ جوڙ پاڪ فوج مخالف بيانيو به گڏجي هلايو ته جيئن رٽائرڊ ۽ حاضر سروس آفيسرن کي ڀڙڪائي سگهجي.