اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ۽ ان جي اتحادي جماعت سني اتحاد ڪائونسل کي اسٽينڊنگ ڪاميٽين جي سربراهي ملي وئي. ڪالهه قومي اسيمبلي جي مختلف اسٽينڊنگ ڪاميٽين جي چيئرمينن جي چونڊ ٿي. قومي اسيمبلي جي مذهبي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرمين جي چونڊ لاءِ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي ملڪ عامر ڊوگر کي متفقه طور تي مذهبي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو. مذهبي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي ميمبر چوڌري ارمغان سبحاني ملڪ، عامر ڊوگر جو نالو مذهبي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرمين لاءِ تجويز ڪيو جڏهن ته شگفته جماڻي ۽ فضل محمد خان سميت ٻين ميمبرن نالي جي حمايت ڪئي. قومي اسيمبلي جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرمين جي چونڊ لاءِ اڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ صاحبزاده حامد رضا کي اتفاق راءِ سان اسٽينڊنگ ڪاميٽي فار هيومن رائيٽس جو چيئرمين چونڊيو ويو.اسٽينڊنگ ڪاميٽي فار هيومن رائيٽس جي ميمبر نوشين افتخار صاحبزاده حامد رضا جو نالو اسٽينڊنگ ڪاميٽي فار هيومن رائيٽس جي چيئرمين لاءِ تجويز ڪيو، جڏهن ته زرتاج گل، نويد عامر جيوا ۽ ٻين ميمبرن سندس نالي جي حمايت ڪئي. اهڙي طرح قومي اسيمبلي جي ڪشمير معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرمين جي چونڊ لاءِ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي حاجي امتياز احمد چوڌري کي اتفاق راءِ سان ڪشمير معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو. ڪشمير معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي ميمبر چوڌري محمد جنيد انور چوڌري، حاجي امتياز احمد چوڌري جو نالو اسٽينڊنگ ڪاميٽي فار ڪشمير افيئرز جي چيئرمين لاءِ تجويز ڪيو جڏهن ته فتح الله خان، عامر جيوا سميت ٻين ميمبرن نالي جي حمايت ڪئي. ساڳي ريت قومي اسيمبلي جي اوورسيز پاڪستانيز بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي ۽ چيئرمين جي چونڊ لاءِ افرادي قوت ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي جنيد اڪبر کي اتفاق راءِ سان اسٽينڊنگ ڪاميٽي آف اوورسيز پاڪستانيز ۽ افرادي قوت جو چيئرمين چونڊيو ويو. اسٽينڊنگ ڪاميٽي فار اوورسيز پاڪستانيز ۽ افرادي قوت جي ميمبر جنيد انور چوڌري جنيد اڪبر جو نالو اسٽينڊنگ ڪاميٽي فار اوورسيز پاڪستانيز اينڊ مين پاور جي چيئرمين لاءِ تجويز ڪيو ڪيو جڏهن ته فتح الله خان ۽ ٻين ميمبرن سندس نالي جي حمايت ڪئي.