اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ ۾ مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني اڳواڻ ۽ پرڏيهي معاملن واري ڪاميٽي جي چيئرمين سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته پي ٽي آءِ يا ته ڳالهيون ڪري يا سول نافرماني ڪري، هڪ هٿ ۾ تلوار کڻي ٻئي سان هٿ ملائڻ واري پاليسي نه هلندي. سوشل ميڊيا جي ايپ ايڪس تي بيان ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ هڪ طرف پنهنجي لاءِ رعايتون گهرڻ لاءِ ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي ٻئي طرف پاڪستان کي نقصان پهچائڻ لاءِ سول نافرماني جو منصوبو بڻائي رهي آهي. هن واضح ڪيو ته ڳالهيون ۽ سول نافرماني گڏگڏ نٿا هلي سگهن. تحريڪ انصاف جيڪڏهن ڳالهين ۾ سنجيده آهي ته پنهنجي ڪلهن تي نئون بار نه وجهي ان لاءِ پهرين وارو ئي بار ڪافي آهي.