پشاور (م ڊ ) اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس مان پاڪستان تحريڪِ انصاف جي اڳواڻن جي گرفتاري کانپوءِ پي ٽي آءِ خيبرپختونخوا جي اندروني اختلاف ختم ٿي ويا. گرفتارين کانپوءِ اڳوڻي صوبائي وزير شڪيل خان ۽ جنيد اڪبر سميت ناراض اڳواڻ به وڏي وزير علي امين گنڊاپور سان گڏ هڪ پيج تي اچي ويا آهن ۽ برطرف وزير شڪيل خان اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سرڪاري اختيارين جي مخالفت ۾ بيان ڏنو. ايم اين اي جنيد اڪبر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آءِ کي مسلسل نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ موجودا حالتن ۾ علي امين گنڊاپور سميت پارٽي قيادت سان گڏ بيٺا آهيون. ٻئي پاسي برطرف صوبائي وزير شڪيل خان چيو ته اسيمبلي ۾ هن وقت صوبائي حڪومت خلاف نه ڳالهائيدس ۽ سمورا اختلاف پاسي تي رکي ڇڏيا آهن