اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اظهر مشواني جي ڀائرن جي بازيابي لاءِ اٽارني جنرل کي ٻن ڏينهن جو وقت ڏئي ڇڏيو.  عدالت پي ٽي آءِ ڪارڪن فيضان جي گهر واپسي تي بازيابي لاءِ داخل درخواست اُڪلائي ڇڏي. چيف جسٽس عامر فاروق اظهر مشواني جي ٻن لاپتا ڀائرن جي بازيابي متعلق درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ عدالت ۾ پيش ٿيو. درخواستگذار جي وڪيل بابر اعواڻ عدالت ۾ پيش ٿي موقف اختيار ڪيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي مهرباني سبب فيضان ۽ ٻيا پنچ ماڻهو گهر پهچي ويا آهن. چيف جسٽس عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته ڇا ڪير آيو آهي گهر؟ بابر اعواڻ جواب ڏنو ته فيضان نالي ڪارڪن گهر پهچي ويو آهي. اهو ذهني طور تي ٺيڪ نه هيو ته عدالت ۾ پيش ٿي سگهجي. اٽارني جنرل عدالت کان وقت ڏيڻ جي استدعا ڪندي چيو ته مون کان جيڪو ٿي سگهيو اهو ڪندس. دائري اختيار جو به معاملو آهي. مون کي ٿورو وقت ڏنو وڃي. ملڪ جون ايجنسيون ڪم ڪري رهيون آهن. انشاءَ الله جلد سٺي خبر ملندي. چف جسٽس رمارڪس ڏنا ته گذريل آرڊر ۾ وزير اعظم متعلق ملاقات جو به چيو ويو هو جنهن تي اٽارني جنرل جواب ڏنو ته جي بلڪل مان وزير اعظم سان مليو هئس، گذريل ڏينهن ۾ ڪجهه ماڻهو واپس به آيا آهن. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اسان ڪيس کي جمعي ڏينهن رکون ٿا. اٽارني جنرل ٻڌايو ته لاپتا شهرين متعلق معاملو وزيراعظم جي سامهون رکيو ويو آهي. اٽارني جنرل وڌيڪ وقت ڏيڻ جي استدعا ڪئي. عدالت واپس ايندڙ ڪارڪنن جي درخواستن کي اُڪلائي ڇڏيو.