ڪراچي (نمائندن وٽان) پي ٽي آءِ جي ڌرڻي ۾ ماڻهن کي شرڪت کان روڪڻ لاءِ سنڌ ۾ رستا بند، شڪارپور، قمبر ۽ ٻين هنڌن تي گرفتاريون، پنو عاقل ۾ گاڏي واپس موڙڻ دوران تار سان ٽڪرائڻ سبب ڪلينر ڪرنٽ ۾ فوت، حليم عادل کي روڪيو ويو، خبر موجب پي ٽي آءِ جي ڌرڻي ۾ ماڻهن کي شرڪت کان روڪڻ لاءِ سنڌ ۾ رستن جي بندش شروع ڪئي وئي آهي، پنوعاقل ۾ چونگها چوڪ وٽ قومي شاھراهه کي پوليس بيھاري بند ڪيو ويو، جنهن سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون، جڏهن ته ٽريفڪ ۾ ڦاٿل مسافر بس کي ڊرائيور پاران ڦيرائڻ دوران گاڏي 11 ھزار بجلي جي تار سان ٽڪرائجي وئي، جنهن سبب ڪلينر نديم ڀٽي فوت ٿي ويو، قومي شاھراهه تي چونگھا چوڪ وٽ پوليس پاران پنجاب طرف ويندڙ رستا بند ڪيا ويا، جنهن ڪري گاڏين جون قطارون لڳي ويون ۽ مسافرن سخت مشڪلاتن کي منهن ڏنو، ٻئي پاسي قومي شاھراهه تي شاھ لطيف يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان روڊ کولرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، هنن بجلي جي ڪرنٽ ۾ فوت ٿيل ڪلينر جي قتل جي ايف آءِ آر آءِ جي ۽ ٻين خلاف داخل ڪرڻ جي گهر ڪئي، هوڏانهن پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ کي پوليس روڪي ورتو، حليم عادل شيخ جي قافلي کي بائجي چوڪ وٽ پوليس روڪي ڇڏيو، جنهن بعد هو سکر روانو ٿي ويو، شڪارپور ۾ پي ٽي آءِ جي قافلي کي شڪارپور لاڙڪاڻي روڊ تي پوليس روڪي ورتو، پوليس ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن وچ ۾ چڪرين دوران هوائي فائرنگ ڪئي وئي، پي ٽي آءِ ڪارڪنن روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، پوليس 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي صوبائي صدر حليم عادل شيخ وري ٻيو ڌرڻو شڪارپور باءِ پاس تي هنيو، حليم عادل شيخ چيو ته اسان جي گاڏين مٿان فائرنگ ڪئي وئي آھي، پوليس جي فائرنگ ۾ گاڏين جا ٽائر ڦاٽي پيا آھن، قمبر مان اسلام آباد جلسي تي ويندڙ پي ٽي آءِ جي قافلي کي شڪارپور پوليس روڪي پي ٽي آءِ جي ضلعي صدر محمد علي هڪڙو، نثار ڏيپر، وحيدهه ٻرڙو، لطف گاڏهي سميت 10 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.