لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) جميعت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جامعه اسلاميه ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته هن وقت ملڪ ۾ جيڪا بي اطميماني جي صورتحال آهي ۽ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو سڀ سال 2024 جي فيبروري ۾ اليڪشن چوري ڪرڻ جي ڪري آهي، جي يو آءِ تشدد واري سياست جي هميشه مخالفت ڪندي هميشه اعتدال تي ٻڌل سياست متعارف ڪرائي آهي، اسان کي هڪ ڳالهه طئي ڪرڻي پوندي ته اسان جي اسٽبلشمينٽ ۽ ادارن کي چونڊ عمل کان لاتعلق ٿيڻو پوندو جنهن سان ملڪ ۽ عوام ۾ اطمينان ايندو، هن چيو ته تازو جيڪي پرتشد واقعا ٿيا آهن انهن جي مان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيان ٿو، اسان هميشه چوندا آهيون ته پي ٽي آءِ سميت ٻين جماعتن کي جلسي ڪرڻ جي اجازت هجي، پي ٽي آءِ وارن جو ڊي چوڪ تي اچڻ تي اسرار هو جن کي ڊي چوڪ تائين پهچائڻ لاءِ ڪيئن رستو ڏنو ويو؟ ڊي چوڪ تي پهچڻ سان اتي ويڙهه ٿي جنهن ۾ جيڪي جوان شهيد يا ڪارڪن فوت ٿيا اهو رت پاڪستان جو آهي. هن چيو ته ملڪ کي آئين جي تابع هلائي شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، هن وقت ڪي پي ڪي ۾ ڪنهن به سطح جي حڪومت ناهي جو اهڙن فسادن ڏانهن ڌيان ڏئي، پرتشدد واقعا ٿي  خونريزي ٿي جيڪڏهن حڪومتن سنجيده نه هوندا ته پوءِ معاملا ڪيئن حل ٿيندا؟. هن چيو ته ٻاهرين مداخلت واري بيانيي جو نقصان پي ٽي آءِ کي ئي ٿي رهيو آهي کين سوچڻ گهرجي.  هن چيو ته اسان جي جماعت صوبائي خودمختياري جي حامي آهي ۽ صوبن جي وسيلن تي پهريان صوبن جو ئي حق آهي، تنهن ڪري وفاق ۽ صوبن وچ ۾ سمورا معاملا اتفاق راءِ سان حل ٿيڻ گهرجي، ڪنهن به معاملي تي ڪنهن صوبي کي احتجاج ڪرڻ تي مجبور نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سکر ۾ تاريخ جو وڏو جلسو ٿي رهيو آهي جنهن ۾ عوامي سمنڊ اٿلي پوندو، اسان کي پرامن طور قانون جي دائري ۾ رهي قدم ۽ ڳالهه ڪرڻ کي طاقتورن قوتن سنجيدهه نه ورتو ته پوءِ ملڪ ۾ اهڙي قسم جون حالتون پيدا ٿينديون، مولانا فضل الرحمان سنڌو درياهه تي ڪئنال ۽ ڊيم اڏڻ بابت پڇا ڪيل سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان جي جماعت صوبائي خودمختياري جي حامي آهي ۽ صوبن جي وسيلن تي پهريان صوبن جو ئي حق آهي تنهن ڪري وفاق ۽ صوبن وچ ۾ سمورا معاملا اتفاق راءِ سان حل ٿيڻ گهرجي، ڪنهن به معاملي تي ڪنهن صوبي کي احتجاج ڪرڻ تي مجبور نه ڪرڻ گهرجي.