پي ٽي آءِ کي فوج خلاف بيهارڻ کان وڌيڪ خطرناڪ ڪجهه به ناهي: عمران خان

0
138
فوج خلاف بيهارڻ کان وڌيڪ خطرناڪ
پي ٽي آءِ کي فوج خلاف بيهارڻ کان وڌيڪ خطرناڪ ڪجهه به ناهي: عمران خان

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي فوج سان ويڙهائڻ جِي سازش ڪئي پئي وڃي، رجيم چينج جِي سازش هينئر به جاري آهي
عمران خان چيو ته اهڙو تاثر ڏنو پيو وڃي ته پي ٽي آءِ فوج خلاف آهي، ملڪ جِي سڀ کان وڏي پارٽي کي فوج خلاف بيهارڻ کان وڌيڪ خطرناڪ ڪجهه به ناهي
عمران خان چيو ته، جن جا مفاد پرڏيهه ۾ آهن، اُهي اسان کي غدار ڪوٺَي رهيا آهن، اسان جَي خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر سازش ڪئي پئي وڃي
هن چيو ته هاڻي منهنجِي ڪردار ڪشي جِي مهم هلائيندا ۽ منهنجو موقف هلائيندڙن کي پڪڙڻ شروع ڪيو ويو آهي
وڊيو لنڪ تي خطاب دوران عمران خان چيو ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۽ توشاخانه ڪيس ۾ مونکي نااهل ڪرڻ جِي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، فارن فنڊنگ ڪيس ۾ ڪجهه به ناهي
هن چيو ته اليڪشن ڪميشن مخالفن سان ملِي ڪوڙي رپورٽ ٺاهِي آهي، سمورين جماعتن جِي آڊٽ گڏ ڪئي وڃي