اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ڏيڻ متعلق تفصيلي فيصلو گرمين جي موڪلن بعد جاري ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو. جسٽس منصور علي شاهه فيصلي تي عملدرآمد متعلق چيو آهي ته پاڪستان جي موجوده نظام ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرڻ آئين مطابق لازم آهي. جيڪڏهن فيصلي تي عملي ناهي ڪرڻو ته ٻيو ڪو نظام آڻڻو  پوندو، پر ايئن معاملا نه هلندا،  اها چوائس ناهي ته صحيح يا غلط فيصلو آهي، اهو نٿو ٿئي سگهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي عمل نه ٿئي، پنهنجي اختيارن مطابق فيصلي تي عملدرآمد ڪرائيندس. سپريم ڪورٽ فيصلي جي فيصلي جو جائز وٺڻ جو انتظاميا کي ڪو به اختيار ناهي. عدالتي فيصلي تي عمل نه ٿيڻ جا نتيجا ٿيندا آهن. غير رسمي ڳالهه ٻولهه ۾ هن چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ منهنجو دوست آهي، چيف جسٽس پاڪستان آهي ۽ ان جو مڪمل ڪنٽرول آهي. منهنجو بطور چيف جسٽس نوٽيفڪيشن جڏهن ٿيڻو هوندو ته ٿي ويندو، مون کي نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ جو ڪو شوق ناهي، مون کي وقتي چيف جسٽس پاڪستان چيو ويو جيڪو درست ناهي، آئون سينئر ترين جج آهيان، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيف تندرست آهي. الله پاڪ اُن کي وڏي زندگي ۽ صحت عطا فرمائي.  اسلام آباد ۾ عدالتي فيصلن تي عملدرآمد ۾ درپيش چئلينجز تي قابو آڻڻ جي عنوان هيٺ تقريب کي خطاب ڪندي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي سينيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل درآمد نه ڪرڻ غير آئيني هوندو. ڪنهن وٽ اهو آپشن يا اختيار ناهي ته چوي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل درآمد نه ٿيندو. اها ڳالهه ذهن نشين ڪريو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل درآمد ٿيندو. هن چيو ته عدالتي فيصلي ۾ ڪنهن قسم جي انتظامي مداخلت نه ٿيڻ گهرجي، اختيارن جي تقسيم جي اصول کي ختم نه ٿيڻ گهرجي.  هن چيو ته اقيلتن جي حقن متعلق فيصلي تي انشاءَ الله عملدرآمد ٿيندو. 2014 جي فيصلي تي عمل جي لاءِ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان ڳالهائيندس. اسلام ۽ آئين پاڪستان اقليتن جي مساوي حقن جي ڳالهه ڪري ٿو. ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ۾ جسٽس منصور علي شاهه چيو ته مخصوص سيٽن جو تفصيلي فيصلو لکڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ججز موڪل تي آهن موڪلن بعد شايد اڪثريت فيصلو ججز سان مشوري بعد جاري ڪيو وڃي. هڪ سوال ته سياسي جماعتن اوهان جي چيف جسٽس جي نوٽيفڪيشن جو مطالبو ڪري رهيون آهن. ان جي جواب ۾ جسٽس منصور علي شاهه چيو ته منهنجو اِن سان ڪو به تعلق ناهي، منهنجو بطور چيف جسٽس آف پاڪستان جڏهن نوٽيفڪيشن ٿيڻو هوندو ٿي ويندو. هن وقت قاضي فائز عيسيٰ چيف جسٽس آهي. ان جو پورو ڪنٽرول آهي. مون کي ڪو شوق ناهي. نوٽيفڪيشن ڪرڻ منهنجو اختيار ناهي. جڏهن الله جي مرضي هوندي ٿي ويندو. ترميمي قانون سان عدالتي فيصلو بدلجڻ متعلق سوال جي جواب ۾ جسٽس منصور علي شاهه چيو ته مان اِن تي ڪجهه به نه ڳالهائيندس.