ڪراچي(اسٽاف رپورٽر )پي ٽي آءِ کي الوداع ڪندڙ افتخار لنڊ کي پارٽي قيادت صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، افتخار لنڊ پاران نئين نوٽيفڪيشن کان لاتعلقي جو اظهار، ان حوالي سان افتخار لنڊ جو چوڻ آهي ته منهنجو پي ٽي آءِ کان رستو الڳ آهي، مون کي پي ٽي آءِ جو صوبائي عهدو نه کپي، هوڏانهن جي يو آءِ سنڌ جي امير مولانا راشد محمود سومرو پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ افتخار لنڊ سان رابطو ڪري جي يو آءِ ۾ شموليت ۽ پي ايس 21 تي جي يو آءِ جي ٽڪيٽ ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته پيپلز پارٽي جون به بابر لنڊ معرفت افتخار لنڊ سان ڳالهيون هلندڙ آهن.