اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ مخصوص سيٽن بابت فيصلي خلاف داخل ٿيل نظرثاني اپيلن جي ٻڌڻي جسٽس امين الدين جي سربراهيءَ ۾ 11 رڪني بينچ ڪئي. ڪنول شوزب جي وڪيل سلمان اڪرم راجه دليل ڏيندي چيو ته جڏهن پي ٽي آءِ کان چونڊ نشان واپس ورتو ويو، تڏهن هڪ آئيني بحران پيدا ٿيو. اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ کي حقيقتن جي ابتڙ بريفنگ ڏني. سلمان اڪرم راجه چيو ته پي ٽي آءِ جي اميدوارن کي ڄاڻي واڻي آزاد قرار ڏنو ويو، جيتوڻيڪ انهن پارٽي ٽڪيٽ ۽ سرٽيفڪيٽ جمع ڪرايا هئا. هن وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ باپ پارٽي کي اليڪشن کانسواءِ ئي مخصوص سيٽون ڏنيون ويون، پر پي ٽي آءِ سان امتيازي سلوڪ ڪيو ويو. جسٽس مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته اوهان کي خبر هئي ته رڳو چونڊ نشان واپس ورتو ويو آهي، پارٽي برقرار آهي. سلمان اڪرم راجه چيو ته آر اوز (ريٽرننگ آفيسرن) پي ٽي آءِ کي پارٽي مڃڻ کان انڪار ڪيو، تنهنڪري سڀني اميدوارن سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت اختيار ڪئي. سلمان اڪرم راجه وڌيڪ چيو ته 8 فيبروري جي چونڊن دوران پارٽي کي چونڊ مهم هلائڻ نه ڏني وئي، ڪارڪنن تي دٻاءُ وڌو ويو، آفيسون ڊاهي پٽ ڪيون ويون ۽ ننڍي عمر جي ٻارن کي به جيلن ۾ وڌو ويو، مان ٻارن کي ٽافيون ڏئي تسلي ڏيندو هئس ته پريشان نه ٿيو، صبح آزاد ڪرائي ڇڏيندس. سلمان اڪرم راجه دليل ڏنا ته 8 فيبروري جي چونڊن دوران آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. جنهن تي جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏنا ته اسان جي سامهون هڪ فيصلو آهي، جنهن تي نظرثاني آهي. سلمان اڪرم راجه چيو ته جيڪڏهن مون کي موقعو ڏنو ويو آهي ته مهرباني ڪري گذارشون پيش ڪرڻ ڏنيون وڃن. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڄ خميس ڏينهن تائين تائين ملتوي ڪري ڇڏي.