اسلام آباد: بچاءَ واري وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته اسان ڏکين حالتن ۾ حڪومت سنڀالي حڪومتي ادارن جي ترقيءَ واري عمل کي مثبت انداز ۾ پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف ملڪ ۾ انتشار پکيڙي ڇڏيو آهي. اسان هر قسم جي دهشتگردي جو مقابلو ڪري رهيا آهيون.
سي پيڪ کي 2018ع ۾ نقصان پهتو(احسن) سستي بجلي ڏينداسين: لغاري
اسلام آباد: رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته اڏام پاڪستان منصوبي تي پوري دلچسپي سان ڪم ڪيو پيو وڃي، سي پيڪ منصوبي سبب ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري آئي آهي، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي ڪم شروع ٿي ويو آهي. هن چيو ته پي ڊي ايم حڪومت ملڪ کي ڊفالٽ کان بچايو. احسن اقبال چيو ته 2018ع ۾ سي پيڪ منصوبي کي تمام گهڻو نقصان پهتو، جيڪڏهن 2018ع ۾ نه روڪيو وڃي ها ته اڄ وڏي معيشت ۾ شامل ٿي وڃون ها. توانائي واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته عوام کي سستي بجلي فراهم ڪرڻ پهرين ترجيح آهي، توانائي جي شعبي ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون، درآمدي ڪوئلي بدران گهريلو ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪئي ويندي، بجلي چوري گهٽائڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن. بجلي جي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جو خسارو گهٽايو ويو. هن چيو ته صنعتي ۽ زرعي شعبي کي سستي بجلي جي فراهمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.