ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي پورهئي واري وزير سعيد غني چيو آهي ته عمران خان ملڪ دشمن ايجنڊا تي هلي پيو، عدالتن کي قانون ۽ آئين مطابق فيصلا ڪرڻ گهرجن، 9 مئي جي جوابدارن کي فوري طور ضمانت ملي پئي، انهي سان دهشتگردن کي هشي ملندي، جيڪي عمران خان سان گڏ نٿا هلڻ چاهين ته اسانکي انهن ماڻهن کي رستو ڏيڻ گهرجي، پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ ڪراچي جي ڪنهن اڳواڻ اسان سان اڃا رابطو ناهي ڪيو پر جيڪڏهن ڪو ايندو ته کيس ويلڪم (آجيان ) ڪنداسين.  ڪالهه هتي ايڪسپو سينٽر ۾ فرنيچر جي نمائش واري تقريب بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نمائش  ۾ 300 کان وڌيڪ اسٽالز لڳل آهن، جتي 30 سيڪڙو کان وڌيڪ رعايت ڏني پئي وڃي، انهي سان شهرين کي فائدو ٿيندو، هن چيو ته ڪراچي جي ميئر لاءِ  چار پنج اميدوار آهن، هن وقت تائين  ڪنهن جو نالو فائنل ناهي ٿيو.