پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ بشريٰ بي بي غير شرعي نڪاح ڪيس: مفتي سعيد ۽ عون چوڌري جا بيان رڪارڊ

0
143
پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ بشريٰ بي بي غير شرعي نڪاح ڪيس: مفتي سعيد ۽ عون چوڌري جا بيان رڪارڊ
پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ بشريٰ بي بي غير شرعي نڪاح ڪيس: مفتي سعيد ۽ عون چوڌري جا بيان رڪارڊ

پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ بشريٰ بي بي خلاف غير شرعي نڪاح ڪيس ۾ مفتي سعيد ۽ عون چوڌري بيان ريڪارڊ ڪرائي ورتا

مفتي سعيد چيو ته پهرين جنوري 2018 تي پي ٽي آءِ چيئرمين فون ڪري چيو ته بشريٰ بي بي سان نڪاح پڙهائڻو آهي، بشريٰ بي بي جي ڀيڻ سڏائيندڙ عورت چيو ته طلاق کانپوءِ عدت گذري چڪي آهي نڪاح پڙهائي سگهجي ٿو

مفتي سعيد چيو ته فيبروري 2018 ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ٻيهر رابطو ڪيو، مون کي ٻڌايو ويو ته پهريون نڪاح عدت واري عرصي دوران ٿيو، ٻيهر نڪاح پڙهائڻ لاءِ چيو ويو

استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ عون چوڌري بيان ريڪارڊ ڪرائيندي چيو ته ميڊيا کي جڏهن عدت دوران نڪاح جي خبر پئي ته اسان خاموشي اختيار ڪئي، پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ بشريٰ بي بي جو فيبروري ۾ ٻيهر نڪاح پڙهايو ويو، پهريون نڪاح غير شرعي، غير قانوني ۽ فراڊ تي ٻڌل هو

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 2 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

هي به پڙهندا

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود خصوصي عدالت پاران سائيفر ڪيس جي ٻڌڻي جيل اندر ئي هلائڻ جو فيصلو