اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين 190ملين پائونڊ ڪرپشن اسڪينڊل ۽ توشا خانه ڪيس ۾ ضمانت جي رد ڪرڻ جا فيصلا چيلنج ڪري ڇڏيا، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ چيو ويو ته 5 آگسٽ تي پي ٽي آءِ چيئرمين کي توشا خانه فوجداري ڪارروائي ڪيس ۾ سزا ٻڌائي وئي ۽ ساڳئي ڏينهن گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو، 10 آگسٽ تي احتساب عدالت عمران جي عدم پيشي تي ٻن ڪيسن ۾ ضمانت جون درخواستون رد ڪيون، عدالت اهڙا فيصلا ڪالعدم قرار ڏئي ۽ عبوري ضمانت ڏئي.