اسلام آباد(م ڊ) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ احتجاج ڪرڻ چاهي ٿي ته ضرور ڪري، جيئن پهرين 3 ڀيرا اسلام آباد حملو ڪيو، ان طرح جو احتجاج نه ٿيڻ گهرجي، خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ وارن کي ايڊوانس عيد مبارڪ هجي، ماڻهن کي به عيد جون خوشيون ملهائڻيون آهن ان لاءِ امن گهرجي، امن تمام ضروري آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته احتجاج ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي پر قانون هٿ ۾ نه کنيو وڃي.