پشاور (م ڊ) جي يو آءِ اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري چيو آهي ته پي ٽي آءِ جيستائين سنجيده نه ٿيندي ۽ جيستائين موجوده قيادت کي بااختيار نه بڻايو ويندو، ان وقت تائين اتحاد ممڪن نه آهي، صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ جي اندر اتحاد ناهي ته اپوزيشن جو اتحاد ڪيئن ٺهي سگهي ٿو، اسان جا مطالبا ۽ شرط آهن جيڪڏهن اهي منظور ٿين ٿا ته غور ڪري سگهجي ٿو.