لاهور (م ڊ)پنجاب ۾ روڊ حادثي جو شڪار ٿيندڙ تحريڪ انصاف اڳواڻ ميان شوڪت علي لاليڪا لاڏاڻو ڪري ويو آهي. اڳوڻو صوبائي وزير ميان شوڪت علي لاليڪا گذريل ڏينهن ٽريفڪ حادثي ۾ سخت زخمي ٿيو هو، جڏهن ته سندس گهرواري فوت ٿي وئي هئي. سندس گاڏي اسلام آباد ويندي ڪوٽ مومن وٽ ٽرالر سان ٽڪرجي پئي هئي، حادثي ۾ زخمي ٿيڻ کانپوءِ شوڪت لاليڪا لاهور جي نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب ميان شوڪت جي گاڏي جي ڊرائيور کي ڊرائيونگ دوران ننڊ جو جهوٽو اچي ويو هو، جنهن سبب حادثو پيش آيو.