ٽنڊوڄام(ن پ ا) صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته حيدرآباد ۾ مختلف وفدن ۽ ٽرانسپورٽرن سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ هيل ٽريفڪ سميت ٻين مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي، هن چيو ته ورلڊ بينڪ جي وفد سان ڪراچي ۾ ملاقات ٿي جنهن تي ورلڊ ورلڊ بينڪ سنڌ پيپلز هائوسنگ پروجيڪٽ جي به ساراه ڪئي، سندس وڌيڪ چوڻ هيو ته دنيا جو سڀ کان وڏو هائوسنگ پراجيڪٽ شروع ٿي رهيو آهي، جنهن تحت 21 لک گهر تعمير ٿيڻ وارا آهن، هن چيو ته  اپريل مهيني ۾ هن پروجيڪٽ جي ڪري اسان جو نالو گينيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ درج ٿيندو ته ڪيئن سنڌ صوبي هڪ آفت کان پوءِ اهو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، هن چيو ته جڏهن ڪروڙين ماڻهو متاثر ٿيا ته اها پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت هئي، جنهن جي خدمت جي جذبي تحت انهن جي بحاليءَ جو ڪم ڪيو ويو،صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هيو ته سنڌ حڪومت هن منصوبي کي دنيا جي تاريخ ۾ هڪ عظيم الشان منصوبو بڻائي رهي آهي، جنهن کي سڄي دنيا مان ايوارڊ پڻ مليا آهن، جيڪو پاڪستان جي هر پاڪستاني کي فخر ٿيندو ته اسان هي منصوبو شروع ڪيو آهي، هن چيو ته 21 لک گهرن جو مطلب آهي ڪروڙين خاندانن جو سهارو، اسان وٽ عورتن ۽ مردن کي به انهن گهرن جا مالڪ  بڻائي حق مليا آهن، هن تنقيد ڪندي چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي، ڪراچي، حيدرآباد سميت ملڪ ۾ دهشتگردي جا جيڪي واقعا ٿيا، انن واقعن جي پويان عمران خان جي سازش هئي، هن چيو ته جنهن ڏينهن عمران خان کي سزا ڏني وئي ان ڏينهن ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ احتجاج نه ٿيو، هن چيو ته ثاقب نثار جهڙن ماڻهن عمران خان جي حمايت ڪئي ۽ نام نهاد ڊيم ٺاهڻ جي مهم شروع ڪئي وئي، جنهن سان عوام جو نقصان ٿيو، هن چيو ته ڊيم جي نالي تي ثاقب نثار عوام کي لٽيو هيو، هن وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف سڄي قوم کي بيوقوف بڻائي ڇڏيو ته مون کي هڪ سڪيورٽي ذريعي حڪومت مان ڪڍيو ويو آهي، جيڪا سندس نالو ڪرڻ ۽ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا ناڪام رهجي وئي، هن چيو ته وڪيلن ۽ پوليس جو تڪرار ويهي ڪري حل ڪرڻ گهرجي، ڳالهيون هلن ٿيون، وڪيل به اسان جا ڀائر آهين،صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ۾ معيشتي حالات بهتر ٿئي رهيا آهين، پيپلزپارٽي جي حڪومت کان علاوهه ٻئي جيڪا حڪومت ايندي آهي اها ماڻهن کي گرفتار ڪندي آهي، ھڪ سوال جي جواب ۾ چوڻ هيو ته سڀاڻي وڏو ميچ آهي، انشاءِ الله پاڪستان کٽي ويندي، اسان جون دعائون آهين، پاڪستان ڀارت کي شڪست ڏئي، اسان هميشه قوم سان گڏجي دعائون ڪيون ٿا، هن وڌيڪ چيو ته عمران خان ماڻهن کي چوندو هئو ته بجلي جو بل نه ادا ڪيو، بل کي ساڙيو، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هيو ته ملڪ ۾ وڏي مان وڏي قرباني پيپلزپارٽي ۽ شهيد ذوالفقار ڀٽو ڏني، ان کي ڦاسي به ڏني وئي، پر هن پاڪستان خلاف ڪا ڳالهه نه ڪئي، هن چيو ته بينظير ڀٽو جون ٻه حڪومتون ڪيرايون ويون، ڪورٽ ۾ به وئي، پوءِ به هنن پاڪستان خلاف ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ڪئي وئي، پيپلزپارٽي هر مشڪل دور ڏٺا، پرويز مشرف ۽ ضياءَ جهڙن سان منهن ڏنو ويو.