ايبٽ آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيريسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته اسان جا 5 هزار ڪارڪن گم آهن، ضلعي سطح تي لاپته ڪارڪنن جو ڊيٽا گڏ ڪري رهيا آهيون، سمورين سياسي پارٽين سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون. ميڊيا سان ڳالهائيندي بيريسٽر گوهر چيو ته بشريٰ  بي بي جو سياست ۾ اچڻ جو ڪو به ارادو ناهي هوءَ احتجاج ۾ عام ڪارڪن جي حيثيت ۾ شامل ٿي، علي امين گنڊاپور ڪي پي جا سرڪاري وسيلا استعمال ناهن ڪيا. بيرسٽر گوهر وڌيڪ چيو ته اسان جي تحريڪ تي ڪنهن به صورت ۾ گولي نه هلڻ گهرجي ها، مستقبل جي حڪمت عملي باني پي ٽي آءِ جي هدايت تي طئي ڪنداسين، اسان جي جدوجهد جمهوريت جي بحالي ۽ باني پي ٽي آءِ جي آزادي لاءِ آهي، ماڻهو پنهنجو ڪاروبار ۽ گهر گهاٽ ڇڏي باني پي ٽي آءِ سان گڏ آهن.