اسلام آباد: جوڊيشل ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ ميمبر عمر ايوب پاران هڪ ميمبر جي غير موجودگي ۾ ڪميشن جي ڪورم تي اعتراض ڪيو، عمر ايوب جي اعتراض تي ووٽنگ ذريعي اڪثريت فيصلو ڪيو ته اجلاس آئين موجب آهي، اڪثريت فيصلو ڪيو ته هڪ ميمبر جي غير موجودگي ۾ به اجلاس جاري رکي سگهجي ٿو. ڪميشن ميمبر اختر حسين موجب اجلاس ۾ پي ٽي آءِ ميمبرز اعتراض ڪيو ته ڪميشن مڪمل ناهي جنهن سان جسٽس منيب به اتفاق ڪيو. ووٽنگ سان فيصلو ڪيو ويو.