اسلام آباد(بيورو رپورٽ) 24 نومبر پي ٽي آءِ احتجاج جي حوالي سان وزيراعظم ۽ ٻين خلاف ڪارروائي لاءِ سردار لطيف کوسا پاران بئريسٽر گوهر ذريعي عدالت سان رابطو ڪيو ويو، بئريسٽر گوهر اسلام آباد ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ ڪرمنل شڪايت داخل ڪرائي ڇڏي. وزيراعظم، گهرو وزير، خواجا آصف، عطا تارڙ خلاف ڪارروائي جي عدالت کان استدعا ڪئي وئي آهي. آءِ جي، ايس ايس پي، ڊي آءِ جي ۽ ٻين خلاف به ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي.