ڪراچي( اسٽاف رپورٽر ) پي ٽي آءِ سنڌ پاران 25 مئي تي صوبي جي مختلف  شھرن ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آھي . پي ٽي آءِ سنڌ جي ترجمان موجب حقيقي آزادي مارچ جي سلسلي ۾ سنڌ جي سمورن شھرن ۾ احتجاج ڪيو ويندو، ڪراچي جي نمائش چورنگي، حيدرآباد ۾ حيدر چوڪ،  سکر جي پريس ڪلب،  لاڙڪاڻي ۾ ٽينڪ چوڪ، نوابشاھه  ۾ شيراز چوڪ، عمرڪوٽ ۾ الله والا چوڪ، ميرپورخاص ۾ پوسٽ آفيس چوڪ، شڪارپور،  جيڪب آباد ۽ ٻين شھرن ۾ به پرامن احتجاج ڪيو ويندو