اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر پاران اعظم خان جَي بيان جي جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي سائفر معاملي جي جاچ جي به اپيل ڪئي وئي، حماد اظهر چيو آهي ته قومي سلامتي ڪاميٽي جي مِنٽس ۽ پريس رليز کي به جاچ لاءِ ڪتب آڻڻ گهرجي، پي ٽي آءِ ترجمان چيو آهي ته هڪ مهيني کان لاپتا اعظم خان سان منسوب بيان اڻ تصديق ٿيل ۽ تضادن جو مجموعو آهي، هڪ لاپتا ماڻهو پاران مئجسٽريٽ آڏو 164 جو بيان قانوني ماهرن جي نظر ۾ قبول جوڳو ناهي، اعظم خان جو بيان اُن سلسلي جي ڪڙي آهي، جنهن ۾ حراست هيٺ ماڻهو استحڪام، پارليامينٽيرينز يا وري پريس ڪلب مان بازياب ٿيندا آهن.