اسلام آباد(بيورو رپورٽ) شعيب شاهين اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست ڏيندي چيو آهي ته اسان جو باني چيئرمين جيل ۾ آهي، اسان ان سان پا رٽي ٽڪيٽس لاءِ مشاورت ڪرڻ چاهيون ٿا. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اسان کي هڪڙو ڏينهن ڏيو اسان مناسب فيصلو ڪريون ٿا. شعيب شاهين اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست ڏيندي چيو آهي ته تحريڪ انصاف جو باني چيئرمين عمران خان جيل ۾ آهي. اسان ان سان پارٽي ٽڪيٽس جي لاءِ مشاورت ڪرڻ چاهيون ٿا، پارٽي چيئرمين ۽ سينيئر وڪيل ملاقات ڪندا. ميمبر اليڪشن ڪميشن چيو ته هاڻي ته هو ڪنهن عهدي تي ناهي، هي درخواست اسان سان ڪيئن لاڳاپيل آهي. شعيب شاهين چيو ته فري اينڊ فيئر اليڪشن ڪرائڻ اوهان جي ذميواري آهي. اسان جي پارٽي تي ته پابندي ناهي. جنهن تي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اسان کي هڪ ڏينهن ڏيو مناسب فيصلو ڪريون ٿا.