لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف بيٽ جو نشان نه ملڻ تي ووٽرن تائين پهچڻ لاءِ نئون طريقو ڳولي ورتو. پي ٽي آءِ اميدوارن کي بيٽ جو نشان نه ملڻ تي آزاد حيثيت ۾ مختلف چونڊ نشان جاري ڪيا ويا آهن ۽ تحريڪ انصف ووٽرن تائين پارٽي اميدوارن جا تفصيل پهچائڻ لاءِ نئين حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي. پي ٽي آءِ طرفان پارٽي ويب سائيٽ تي پورٽل ٺاهيو ويو آهي، جتي سڀني اميدوارن جا تڪ جي لحاظ سان تفصيل اپ لوڊ ڪيا ويا آهن. ڪارڪن ڪنهن به تڪ تان پارٽي اميدوار جا تفصيل چيڪ ڪري سگهندا، پورٽل ٺاهڻ جو فيصلو گذريل رات سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ ڪيو ويو.