اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اپوزيشن جو غير سنجيده رويو، پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي جوڙجڪ رولڙي جو شڪار ٿي وئي. حڪمران پارٽي پاڪستان مسلم ليگ ن جي چيف وهپ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پي ٽي آءِ جي چيف وهپ عامر ڊوگر کي ٽيون ڀيرو خط لکي ڇڏيو. حڪومتي اتحاد جي چيئرمين پي اي سي جي چونڊ به ايندڙ هفتي هر صورت ۾ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پاران لکيل خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پهرين ٻن خطن ۾ مون توهان کي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي لاءِ 4 ميمبرن لاءِ پينل گهريو هيو، حڪومتي اتحاد پاران چيئرمين پي ايس سي جي چونڊ لاءِ سنجيده ڪوشش ڪي وئي آهي. حڪومت پي اي سي جي چيئرمين جو عهدو اپوزيشن کي ڏيڻ چاهي ٿي ته جيئن خود احتسابي جو عمل صاف ۽ شفاف هجي. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته ڏهه مهينا گذرڻ باوجود اپوزيشن اڃا تائين پينل نه موڪليو آهي، آخري موقعي جي طور تي گذارش ڪجي ٿي ته 7 ڏينهن اندر پينل موڪليو وڃي، نه ته حڪومتي اتحاد گڏجي پي اي سي چيئرمين جو فيصلو ڪندو. هر صورت ۾ پي اي سي چيئرمين جي چونڊ ايندڙ هفتي ٿيندي.