اسلام آباد (بيورو رپورٽ)  پاڪستان اسٽيل مل مان گذريل پي ٽي آء حڪومت دوران  5282 ملازمن کي نوڪري مان ڪڍڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ، ٽن مرحلن ۾ اسٽيل مل مان ڪڍيل ملازمن جا انگ اکر سامهون اچي ويا. هٿ ڪيل دستاويزن مطابق خساري ۾ هلندڙ پاڪستان اسٽيل ملز مان گذريل چئن سالن ۾ 5282 ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍيو ويو، دستاويزن مطابق ملازمن کي ٽن مرحلن ۾ نوڪرين تان برطرف ڪيو ويو آهي. پاڪستان اسٽيل مل مان 1681 آفيسر سميت 3495 ملازمن کي هن وقت تائين نوڪرين مان هٽايو ويو آهي. 196 ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ ملازمن کي نوڪرن تان فارغ ڪيو ويو. پهرين مرحلي ۾ 1434 آفيسرن سميت 3103 ملازمن کي نوڪرين تان ڪڍيو ويو. ٻئين مرحلي ۾ 198 آفيسرن سميت 187 ملازمن کي نوڪرين مان نيڪالي ڏني وئي. ٽئين مرحلي ۾ 49 آفيسرن ۽ 205 ملازمن کي نوڪرين تان هٿ ڌوئڻو پيو. جڏهن ته اسٽيل ملز مان 397 ملازم رضاڪارنه طور تي ملازمت تان دستبرار ٿيا.