ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) احتساب عدالت سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ خلاف داخل ريفرنس نيب چيئرمين نيب کي واپس موڪلڻ بابت فيصلو 6 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو ،عدالت وڌيڪ چيو ته نيب ضابطن ۾ تبديلي کانپوءِ هي ريفرنس احتساب عدالت جي دائري ۾ نٿو اچي، هوڏانهن نيب رپورٽ موجب شرجيل ميمڻ 551 ملين جا غير قانوني اثاثا ٺاهيا آهن، جنهن تي سندس خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي،عدالت چيو ته نيب رپورٽ ۾ اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته ڪهڙي پراپرٽي ڪڏهن ۽ ڪيتري ۾ خريد ڪئي وئي؟ جنهن تي شرجيل انعام ميمڻ جي وڪيل چيو ته شرجيل ميمڻ جي اثاثن جي ڪل ماليت 16 ڪروڙ رپيا آهي، هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن نيب جي ڳالهه مڃي وڃي ته پوءِ شرجيل جي آمدني 34 ڪروڙ ٿي وڃي ٿي، 50 ڪروڙ کان گهٽ رقم جو ڪيس نيب عدالت ۾ هلي نٿو سگهي، انهي ڪري ريفرنس نيب چيئرمين ڏانهن واپس اماڻيو وڃي، هوڏانهن ٻڌڻي کانپوءِ شرجيل انعام ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ آءِ ٽي جو تمام گهڻو ٽيلنٽ آهي، هتي 10 هزار نوجوانن کي آءِ ٽي جا ڪورس ڪرايا پيا وڃن، اهڙن ڪمن سان عالمي سطح تي سٺو تاثر وڃي ٿو، هن چيو ته ڪراچي ۾ ٻه ميگا پراجيڪٽ جاري آهن،ملير ايڪسپريس وي کي ايندڙ سال کوليو ويندو، جڏهن ته ريڊ لائين ۽ ييلو لائين تي به ڪم جاري آهي، هن چيو ته سڄي دنيا ڏسي چڪي آهي ته اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ عوام کي اڪيلو ڇڏي ڀڄي ويا، هن چيو ته پي ٽي آءِ قيادت عمران خان سان مخلص ناهي، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جو ڪو به ڪارڪن گرفتار ناهي ٿيو، ڇو ته هتي پي ٽي آءِ جو ڪو به ڪارڪن ناهي.