اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فارين ايڪسچينج ريگوليشن ايڪٽ تحت داخل پابندي پيل فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت رد ڪرڻ واري درخواست رد ڪندي چيو آهي ته ايف آءِ آر ۾ لڳايل الزامن جو عمران خان يا طارق شفيع سان تعلق ئي ناهي، بيڪنگ ڪورٽ درست چيو ته هن ڪيس ۾ سمورا ثبوت دستاويزي آهن گرفتاري جي ضرورت ناهي. هاءِ ڪورٽ تفصيلي فيصلو جاري ڪندي ڪيس جي ثبوتن تي سوال اٿاريندي چيو آهي ته هڪ به ثبوت نظر ناهي آيو ته عارف نقوي جي اماڻيل رقم ڏوهه جي رقم هئي، عمران ته هڪ به بينڪ دستاويز صحيح ناهي ڪئي، اسٽيٽ بينڪ ڪا انڪوائري نه ڪئي نه ئي پي ٽي آءِ کي وصول ٿيل رقم کي غيرقانوني ڊڪليئر ڪيو ويو، ايف آءِ اي مطمئن ناهي ڪيو ته ضمانت ڇو رد ڪئي وڃي.