ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي اڳواڻ ۽ سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ سينيٽ چونڊن جي بائڪاٽ جو بهانو بڻائي رهي آهي، سندن اميدوارن رٽائرمينٽ پيپر جمع ناهن ڪرايا،   اها اڃا چونڊون وڙهي رهي آهي، ھڪ بيان ۾ ھن چيو ته پي ٽي آءِ وارن رٽائرمينٽ جمع ڪرڻ بدران رڳو پريس ڪانفرنس ڪئي، سندن پريس ڪانفرنس بيان بازي ۽ ڪھاڻي کانسواءِ ڪجهه ناهي. ھن چيو ته پي ٽي آءِ وارا ڪنهن به قيمت تي رٽائرمينٽ جا ڪاغذ جمع نه ڪرائيندا، ميڊيا حقيقتن جي جاچ ڪري پي ٽي آءِ جي ٻٽي معيار کي جاچي سگهي ٿي. هن چيو ته عمران خان ملڪ ۾ رڳو بدامني ۽ بي بنياد الزامن جي سياست چاهي ٿو.