اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر اعجاز چوڌري غزه بابت ٿيندڙ سينيٽ اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اعجاز چوڌري جي وڪيل خالد يوسف درخواست داخل ڪرائي سينيٽ چيئرمين، ڪابينا ڊويزن جي سيڪريٽري، گھرو زسيڪريٽري، چيف سيڪريٽري پنجاب، سيڪريٽري سينيٽ، جيل سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل کي ڌر بڻايو آهي.