پي ٽي آءِ سياسي جماعت نه پر فتنو ۽ تخريبڪاري جو ٽولو آهي: وزيراعظم

0
17
پي ٽي آءِ سياسي جماعت نه پر فتنو ۽ تخريبڪاري جو ٽولو آهي: وزيراعظم
پي ٽي آءِ سياسي جماعت نه پر فتنو ۽ تخريبڪاري جو ٽولو آهي: وزيراعظم

پي ٽي آءِ سياسي جماعت نه پر فتنو ۽ تخريبڪاري جو ٽولو آهي، خيبرپختون خواهه مان سازشون ٿي رهيون آهن پيون، انهن کي معيشت جي ڪابه پرواهه ناهي، خيبرپختونخوا حڪومت جي هڪ ئي ايجنڊا آهي ته هر شيءِ ختم ڪئي وڃي، پاره چنار ۾ ايترا ماڻهو شهيد ٿيا پر ڪي پي جي وڏي وزير جو ڌيان نه هو،  سمورن تخريبڪارن خلاف ايف آءِ آرز داخل ڪري انجام تائين پهچايو وڃي: وزيراعظم شهباز شريف جو امن امان بابت اجلاس کي خطاب، وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخوا مان هڪ ٽولو هر طرح سان ليس ٿي آيو هو، مظاهرين گوليون هلايون، هڪ پوليس ۽ 3 رينجرز اهلڪار شهيد ٿيا، ان ڪاهه سان معيشت کي جيڪو نقصان ٿيو، ان جو حساب نه ٿو لڳائي سگهجي، ان  ڪاهه جي ناپاڪ روايت 2014ع ۾ وڌي وئي هئي، چيني صدر جو دورو ملتوي ڪرڻو پيو، ان کان وڏي بدنامي ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، پاڪستان جي معيشت کي اهڙو  ڌڪ رسيو، جنهن جو تصور به نٿو ڪري سگهجي، شاهه محمود قريشي کي پيغام اماڻيو هو ته 3 ڏينهن هٽي وڃو.