ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ  سنڌ ۾سڀاڻي سينيٽ جي 12 سيٽن تي ٿيندڙ اليڪشن جي بائڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي، ڪالهه انصاف ھائوس تي پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته فارم45 موجب سنڌ اسيمبلي ۾ اسانجا 47 ميمبر ھجڻ گھرجن ھا پر اسانجو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو، اسان  فارم47  ذريعي آ يل  ايم پي ايز جي ووٽن سان ٿيندڙ سينيٽ اليڪشن جو بائڪاٽ  ڪريون ٿا،  ھن الزام هنيو ته نوابشاهه ۾ آصفه ڀٽو سامھون اليڪشن وڙھندڙن جا فارم آر او رد ڪيا، جنهن کي چيلنج ڪرڻ پئي وياسين ته پوليس ذريعي اغوا ڪرايو ويو، نوابشاهه اتنظاميا  ۽ آر او ڌر بڻجي  آصفه کي ڪامياب ڪرايو .