ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر ) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي نائب صدر ذوالفقار شاھ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ذوالفقار شاھ سعيد پور ٽڪر ۾ پنهنجي رهائشگاھ سادات هائوس تي ڪوٺايل پريس ڪانفرنس ۾ پي ٽي آءِ سنڌ جي نائب صدارت تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته ڪجهه مهينا اڳ فالج جو اٽيڪ ٿيو، ڊاڪٽرن مڪمل آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي، پارٽي کي ٽائيم نه پيو ڏيئي سگهان ، ان لاءِ پارٽي عهدي تان استعيفيٰ ڏيئي رهيو آهيان ، هن چيو ته مون هر سياسي ايڪٽوٽي ختم ڪري ڇڏي آهي ، مڪمل صحتياب ٿيڻ بعد تڪ جي عوام ۽ دوستن ساٿين سان صلاح مشورو ڪرڻ بعد آئنده جي سياست حڪمت عملي جو اعلان ڪندس، ان موقعي تي سيد بدر علي شاھ ، ڊاڪٽر شڪيل قريشي ، سيد جمال شاھ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا .