پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي ٻن ڪيسز ۾ عبوري ضمانت ۾ واڌ

0
70
پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان

اسلام آباد: پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي ٻن ڪيسز ۾ عبوري ضمانت ۾ واڌ، اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران خان عبوري ضمانت ۾ 9 ڊسمبر ۽ 17 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آھي

ٻڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته عمران خان عوامي جلسي ۾ هو ته پوءِ هِتي ڇو نه آيو آهي، وڪيل بابر اعواڻ عمران خان جي ميڊيڪل رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، عمران خان طرفان حاضريءَ کان ڇوٽ واري درخواست به داخل ڪئي وئي

عمران خان اڪيلي 13 پارٽيز جي قبر کوٽي ڇڏي: شيخ رشيدهڪڙي مقرريءَ سڀني تي ڳري ٿي وئي

اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته عمران خان اڪيلي 13 پارٽيز جي قبر کوٽي ڇڏي، پي ڊي ايم اليڪشن کان فرار ٿيڻ چاهي ٿي، هاڻي هو وري اسيمبليون بچائڻ جا به مشورا پيا ڪن

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي بيان جاري ڪندي شيخ رشيد چيو ته جيڪڏهن 576 ميمبرز اسيمبليون ڇڏين ته باقي ڇا بچندو، اسيمبليون ٽوڙجن يا ڇڏجن

شيخ رشيد موجب هن لُولِي لَنگڙي اسيمبلين ڏانهن ڪير ئي نه نهاريندو، حڪمرانن کي آڻڻ وارا شرمسار آهن، مُلڪ ۾ سياسي ڌُنڌ ايتري ڇانيل آهي، هاڻي اليڪشن جي سِج جو اُڀرڻ لازم بڻجي ويو آهي

ھي به پڙھندا

حيران آهيان ته اسان ڪيترو تيزيءَ سان فاشسٽ رياست طرف وڌي رهيا آهيون: عمران خان جو اعظم سواتي جي گرفتاري تي رد عمل