لاهور(م ڊ) جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ڪوشش آهي ته پي ٽي آءِ سان اتحاد نٿو ٿي سگهي، ڪوشش آهي ته پي ٽي آءِ سان لاڳاپن کي ان سطح تي کڻي اچون جتي گڏيل معاملن تي ڳالهيون ٿي سگهن. پ پ، ن ليگ ۽ جماعت اسلامي سان اختلاف آهي، پر ڪا دشمني ناهي، حافظ نعيم سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪافي عرصي کان اراو هو ته جڏهن لاهور اچان ته منصوره به وڃان ته جيئن رابطا بحال ٿين اڄ جي ملاقات ۾ پروفيسر خورشيد جي وفات تي تعزيت ڪئي، 27 اپريل تي مينار پاڪستان ۾ غزه جي حوالي سان ڪانفرنس ۽ مظاهرو ٿيندو ان ۾ اسان سڀ شريڪ آهيون، سڄي ملڪ ۾ بيداري جي مهم هلائينداسين. سياسي معاملن تي ڳالهائيندي هن چيو ته صوبائي خودمختاري جا حامي آهيون، ڪئنالن جي حوالي سان سنڌ جي مطالبي جو احترام ڪريون ٿا، معاملو وفاق ۾ ويهي ڪري گڏيل مشاورت سان طئي ٿيڻ گهرجي. ڪنهن سان به زيادتي نه ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي جماعت اسلامي ۽ جي يو آءِ مجلس اتحاد امت قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو جنهن جو مقصد غزه جي مظلومن جي حمايت ڪرڻ هوندو.