اسلام آباد (م ڊ) ٽرمپ جي صدر ٿيڻ تي پي ٽي آءِ ۾ خوشي واري سوال تي ن ليگ اڳواڻ رانا ثناءُالله چيو آهي ته  مونکي خبر ناهي ته اهي ڇو خوش ٿي رهيا آهن اها ڳالهه انهن جي خلاف ويندي، پي ٽي آءِ وارا ته چوندا هئا ته اسان ڪي غلام آهيون، عمران چوندو هو ته آمريڪا منهنجي خلاف سازش ڪئي منهنجي حڪومت ڪيرائي پهريان اهڙيو بيانيو ٺاهيو هو جيڪو هاڻ بلڪل فارغ ٿي ويندو، هنن جي سياست ته بلڪل ختم ٿي ويندي، هن چيو ته اهڙو ڪو دٻاءُ نه ايندو جنهن سان پاڪستان يا حڪومت مجبور ٿي وڃي. ان قسم جي مداخلت هنن کي ڳچي ۾ پوندي. پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ چيو ته آهي ته پي ٽي آءِ شايد خوشفهمي جو شڪار آهي ته ٽرمپ صدر ٿي ويو ته پهريون ڪم ئي عمران جي آزادي جو حڪم ڏيندو، ٽرمپ پهريان پنهنجي ملڪ جا مفاد ڏسندو، هن چيو ته هي ته چوندا آهن ته اسان غلام ناهيون، هي نئون بيانيون ٺاهين پيا ته آمريڪا رليف ڏياري ته اها پنهنجي ئي بيانيي جي مخالفت هوندي، هي پنهنجي ئي ڳالهين جي خلاف پيا وڃن.