اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار پي ٽي آءِ چيئرمين جي 90 ڏينهن ۾ اليڪشن ڪرائڻ جي درخواست اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي، رجسٽرار اعتراض واريو ته درخواستگذار سپريم ڪورٽ اچڻ کان اڳ ڪنهن به لاڳاپيل فورم سان رابطو ناهي ڪيو، آرٽيڪل 248 تحت صدر کي درخواست ۾ ڌر نٿو بڻائي سگهجي، درخواست ۾ اهو به ناهي ٻڌايو ويو ته درخواستگذار جو ڪهڙو بنيادي حق متاثر ٿيو، درخواست ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ ۽ 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جي استدعا ڪئي وئي هئي.