لاهور (م ڊ) پي ٽي آءِ جي گرفتار اڳواڻ ميان عباد فاروق جو معصوم پٽ عمار لاڏاڻو ڪري ويو آهي. عباد فاروق جي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته سندس 9 ورهين جو ڀائٽيو پنهنجي والد جي گرفتاري تي ذهني مرض ۾ مبتلا ٿي ويو هو، جيڪو لاڏاڻو ڪري ويو آهي. هن ٻڌايو ته عباد ذهني مرض ۾ مبتلا ٿين بعد پيءُ لاءِ روئيندورهندو هو. ٻالڪ جي جنازي نماز منشي اسپتال قبرستان لاهور ۾ ادا ڪئي وئي، ان کان اڳ عباد فاروق جيل مان عمار جي همت وڌائي هئي ۽ پريشان نه ٿيڻ جو پيغام ڏنو هو. ياد رهي ته پي پي 149 مان پي ٽي آءِ جو ٽڪيٽ هولڊر عباد فاروق 9 مئي واقعن جي ڪيس ۾ جيل ۾ قيد آهي.