حيدرآباد (بيورو رپورٽ) متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي چيئرمين ۽ تعليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي سياست تشدد ۽ شر انگيزي تي ٻڌل آهي. احتجاج ۽ پرتشدد ڪاررواين سبب ملڪ معاشي طور تباهه ٿي ويو آهي. هو حيدرآباد ۾ وفاقي يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي اينڊ مئنيجمينٽ سائنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته پي ٽي آءِ پاڻ ئي ڳالهين جا دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن. پرتشدد سياست ملڪ جي مفاد ۾ ناهي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان ٽيڪنالاجي تي ڌيان نه ڏنو ته ملڪ ۾ ترقي ممڪن ناهي. اڄ دنيا جي وڏين يونيورسٽين جا سائنسدان به نٿا ٻڌائي سگهن ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ دنيا ڪيئن ھوندي. هن چيو ته پاڪستان ائين نه هلندو، جاگيرداري جي جمهوريت ۽ سياست ختم ٿيڻ گهرجي. سنڌ جي شهري علائقن کي ايندڙ وقت ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، تيستائين انهن شهرن ۾ ترقي نه ٿيندي، خوشحالي نه ايندي. هن چيو ته جيڪڏهن حيدرآباد ۾ ميڊيڪل ڪاليج نه ٺهيو ته اسان ٺاهينداسين. ھن چيو ته پاڻي جي ورڇ منصفاڻي ٿيڻ گهرجي جنھن تي ڪنهن کي اعتراض نه ھجي.