ٽنڊو آدم/ڀريا روڊ/پڊ عيدن(نمائندن وٽان) ٻٻرلوءِ جدوجهد کي سلام پيش ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ جو سلام سنڌ ٽرين مارچ جو ٽنڊو آدم، ڀريا روڊ، پڊ عيدن ۽ ٻين شهرن ۾ پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو، ان موقعي تي حليم عادل شيخ ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته سنڌو درياءَ مٿان تڪراري ڪئنالن خلاف ٻٻرلوءِ ۾ سنڌ جي عوام مُتحد ٿي سخت مزاحمت ڪندي منصوبو رد ڪرايو، هنن چيو ته ڀرپور جدوجهد ۽ مزاحمت ڪرڻ تي  سنڌ جي عوام جا ٿورا مڃڻ لاءِ سلام سنڌ ٽرين مارچ شروع ڪيو آهي، هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ، معدني وسيلن جي مالڪي سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف سنڌين جو متحد ٿيڻ بهترين قدم آهي، هنن چيو ته سنڌ خلاف ڪنهن به منصوبي کي قبول نه ڪيو ويندو، هنن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي بيگناھ جيل ۾ رکيو ويو آھي، هنن گهر ڪئي ته عمران خان کي في طور آزاد ڪيو وڃي، ٽنڊو آدم ۾ رش دوران نامعلوم چور پي ٽي آءِ جي 5 اڳواڻن فيض محمد ڏيرو، ساجد جٽ، حنز الله پٺاڻ، حذيفه غوري ۽ زبير قريشي جا موبائيل ڪڍي ويا.