لاهور(م ڊ) پي ٽي آءِ جي حامي ۽ سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ اظهر مشواڻي جو کنڀيل ڀاءُ به آزاد ٿي گهر پهچي ويو آهي. اظهر مشواڻي پاڻ ان جي تصديق ڪئي آهي. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته منهنجو ڀاءُ پروفيسر ظهور مشواڻي 144 ڏينهن کانپوءِ گهر پهچي ويو آهي. سمورن ماڻهن جي دعائن ۽ حمايت جي مهرباني.