صوابي (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي صوابي واري جلسي ۾ آمريڪي جهنڊو ڦڙڪايو ويو، پي ٽي آءِ ڪارڪن آمريڪي جهنڊو ڦڙڪائڻ شروع ڪيو ته اتي موجود ٻين ڪارڪنن کين آمريڪي جهنڊو ڦڙڪائڻ کان روڪيو کين جهنڊو لڪائڻ لاءِ آواز ڏيندا رهيا. پر پي ٽي آءِ ڪارڪن آمريڪي جهنڊو کڻي لهرائيندو رهيو. جلسي گاهه ۾ شرڪت ڪندڙ آمريڪي جهنڊي طرف اشارا شروع ڪيا ته اتي موجود ڪارڪن کانئس آمريڪي جهنڊو کسي ورتو. ان دوران ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، ٻئي طرف پي ٽي آءِ جلسي ۾ آمريڪي جهنڊو لهرائڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي، صارفين مختلف ردعمل جو اظهار ڪيو.