اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پرڏيهي سفيرن کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته تحريڪ انصاف جي تاريخ آهي، انهن جا ڪا به ريلي يا احتجاج پر امن نه هوندو آهي، بدقسمتي سان شڪ پيدا ٿي ويا آهن، ان ڪري حڪومت کي وضاحت ڪرڻي پئجي رهي آهي، سوشل ميڊيا هڪ لعنت آهي ۽ اپوزيشن ڪوڙيون خبرون هلائڻ ۾ ماهر آهي،  اسحاق ڊار چيو ته مظاهرين کي اسلام آباد ۾ کلي ڇوٽ نه ٿي ڏئي سگهجي، مظاهرين جي ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ باوجود حڪومت صبر جو مظاهرو ڪيو، سڪيورٽي فورسز وٽ رڳو ڳوڙها آڻيندڙ گئس، واٽر ڪينن ۽ ڏنڊا هئا، سفارتي مشنز ۽ اهم عمارتن جي تحفظ لاءِ آرٽيڪل 245 تحت فوج مقرر ڪئي، ريڊ زون جي سڪيورٽي بابت خاص قانون لاڳو ڪيا ويا آهن، اسحاق ڊار چيو ته اسلام آباد ۾ ڪنهن به احتجاج لاءِ هنڌ جو تعين ڪيو ويندو آهي، قانون موجب ريڊ زون ۾ ڪو به احتجاج نه ٿو ڪري سگهي،  اسحاق ڊار چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم موجب پي ٽي آءِ کي سنگجاني تي احتجاج جو چيو، سياسي جماعت ريڊ زون ۾ ئي احتجاج ڪرڻ تي بضد هئي،  مظاهرين کي راڄداني ۾ کلي ڇوٽ نه پيا ڏئي سگهون، نائب وزير اعظم چيو ته ماضي ۾ هن پارٽي پاران اليڪشن ۾ 35 پنڪچرن جا داستان پيش ڪيا ويا، عدالتي انڪوائري ثابت ڪيو ته اليڪشن ۾ ڪا به ڌانڌلي نه ٿي، هن چيو ته رياستي مهمان جي آمد تي ئي احتجاج جو سڏ ڇو ڏنو ويو؟ ان اهم موقعي تي احتجاج جو سڏ هن پارٽي جي بدنيتي کي ثابت ڪري ٿو.