حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سينيئر ۽ اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ توانائي کاتي جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه حيدرآباد ۾ سنڌ پريميم پراپرٽي بلڊنگ مٽيريل ۽ هوم ڊيڪور نمائش جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. صوبائي وزيرن نمائش ۾ لڳل مختلف اسٽال به گهمي ڏٺا. ان موقعي تي ڳالهائيندي سينيئر ۽ اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ جي ايجنڊا ملڪ جي خلاف آهي. محسن نقوي پي ٽي آءِ کي ڌرڻي جي اجازت ڏني هئي پر هو ان جاءِ تي نه رڪيا ۽ ڊي چوڪ هليا ويا. هن چيو ته پي ٽي آءِ منهنجو پسنديده سبجيٽ نه آهي. سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون افواهون پکيڙيون به پيون وڃن. ڪو 100 ته ڪو 275 لاشن جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. انسان جي جان قيمتي آهي جيڪا ضايع ٿيڻ نه گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن 300 ماڻهو مئا آهن ته انهن جون لسٽون ڪٿي آهن. ماڻهن جي نه تدفين ٿي آهي ۽ نه ئي ڪري ڪو نالو نشان موجود آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ ڪڏهن پارليامينٽ تي حملو ڪيو، ڪڏهن پي ٽي وي تي حملو ڪيو، انهن قائد اعظم هائوس ۽ ڪور ڪمانڊر هائوس کي به باهه ڏني. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي جلوس ۾ شامل ماڻهو غليل ۽ شارٽ گن کڻي احتجاج ۾ شامل ٿيا. اهڙي ريت مظاهرن ۾ ڪئين شامل ٿي سگهجي ٿو. جيڪڏهن پري کان اهڙن ماڻهن کي پنهنجي گهر ڏانهن ايندو ڏسي ته ڇا انهن جو استقبال گلن سان ڪندو.
ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) سينيئر صوبائي وزير اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ شرجيل انعام ميمڻ ميرپورخاص ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي 57 هين يوم تاسيس جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو آھي ته 30 نومبر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو لاهور ۾ پارٽي جو بنياد رکيو ۽ پاڪستان جي هارين، مزدورن، عورتن ۽ نوجوانن کي انهن جا جائز حق ڏنا، پاڪستان دنيا ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪري پنهنجي سڃاڻپ رکي ٿو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سڀ کان وڏو اثاثو ايٽمي طاقت ڏنو، جنهن جي ڪري اڄ ملڪ ڏانهن ڪو به ميري اک سان نه ٿو ڏسي سگهي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو پهريان وومين بينڪ ۽ وومين پوليس اسٽيشنز ٺاهيون ۽ وومين امپاورمينٽ لاءِ پهرين عورت وزيراعظم بڻجي ملڪ جي بقا جي جدوجهد لاءِ ڪردار ادا ڪيو، سينيئر صوبائي وزير اطلاعات وڌيڪ چيو ته صدر آصف علي زرداري به بلوچستان جي عوام کان غير مشروط معافي ورتي ۽ حقوق بلوچستان پروگرام جو آغاز ڪيو، صدر آصف علي زرداري ٿر ڪول منصوبي جو آغاز ڪيو، جيڪو ملڪ جي تقدير بدلائي رهيو آهي، هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ٿوري عرصي لاءِ وزير خارجا بڻجي دليري سان ڪم ڪيو ۽ ڀارتي وزيراعظم مودي کي للڪاريو ۽ کيس گجرات ۽ ڪشمير جو قصاب چيو، بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ متاثر علائقن ۾ تباهه ٿيل گهرن لاءِ 21 لک گهر تعمير ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ اهو دنيا جو سڀ کان وڏو منصوبو آهي، جيڪو جاري آهي، هن چيو ته پيپلزپارٽي ملڪ کي آئين، ايٽم بم ۽ منصوبا ڏنا آهن، پ پ جو ميڊيا ٽرائل ڪا نئين ڳالهه ناهي، مخالفتن باوجود هر اليڪشن ۾ ڪاميابي اسان جو مقدر آهي، هن چيو ته صدر زرداري صوبن کي خودمختيار بڻائي حق ڏياريا آهن، سنڌ حڪومت ٿر مان ڪوئلو ڪڍڻ لاءِ هڪ ارب ڊالر خرچ ڪيا ۽ اڄ ٿر جي ڪوئلي مان ٺهندڙ بجلي مان سڄو ملڪ فائدو وٺي رهيو آهي، ان کان اڳ صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه، صوبائي وزير سماجي ڀلائي مير طارق ٽالپر، ايم اين اي ۽ ضلعي صدر پي پي پي مير منور ٽالپر، ايم اين اي پير آفتاب حسين شاهه جيلاني، ايم پي اي حاجي نور احمد ڀرڳڙي، ميئر عبدالروف غوري، ڊپٽي ميئر سميرا بلوچ ۽ ٻين خطاب ڪيو، آخر ۾ آتش بازي پڻ ڪئي وئي.