اسلام آباد: وزيراعظم جي سياسي صلاحڪار پي ٽي آءِ جي چارٽر آف ڊمانڊ کي ڪوڙ تي ٻڌل قرار ڏئي ڇڏيو، رانا ثناءُ الله چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو چارٽر آف ڊمانڊ ڪوڙ کانسواءِ ڪجهه ناهي، اُنهن تي ڪوبه جواب نٿو ٺهي، پي ٽي آءِ وٽ پروپئگنڊا کانسواءِ ڪجهه ناهي، هن چيو ته 9 مئي تي جاچ جو معاملو اڳ ئي سپريم ڪورٽ ۾ آهي، پي ٽي آءِ جي مطالبن تي انڪوائري ٻيهر نٿي کولي سگهجي، حڪومتي ڪاميٽي جي ميمبر عرفان صديقي چيو ته پي ٽي آءِ جا مطالبا گهٽ ۽ چارج شيٽ وڌيڪ آهن، 28 جنوري تائين سندن چارٽر آف ڊمانڊ تي جواب ڏنو ويندو، اها تاريخ پي ٽي آءِ جي ڊيڊلائين کان اڳ جي آهي.