اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل قومي اسيمبلي اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل هجڻ باوجود منظور نه ڪرائي سگهي، تحريڪ انصاف جي ميمبر قومي اسيمبلي ممتاز مصطفيٰ قومي اسميبلي جي اجلاس کان ڪجهه دير اڳ فوت ٿي ويو هو، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ممتاز مصطفيٰ متعلق تقريرن بعد اسپيڪر قومي اسيمبلي اجلاس سوڳ تحت اڄ يارهين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. پارليماني روايتن مطابق جيڪڏهن ميمبر قومي اسيمبلي فوت ٿي وڃي ته مرحوم جي ايثال ثواب جي لاءِ فاتحه خواني بعد اجلاس معمول جي ڪاروائي کان بغير ملتوي ڪيو ويندو آهي. پي ٽي آءِ ميمبر جي موت سبب حڪومت 5 آگسٽ تي ٿيندڙ اجلاس ۾ اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم جو بل منظور نه ڪرائي سگهي.